رچرڊ برٽن

رچرڊ برٽن

برٽن رچرڊ

برٽن، رچرڊ: مشهور انگريز سياح رچرڊ برٽن جو مڪمل نالو سر رچرڊ فرانسز برٽن هو. هيءُ آرمي ڪرنل جو پٽ هو، جنهن السٽري (Elstree) ڀرسان هرٽ فورڊ شائر (Hertfordshire) ۾ 19 مارچ 1821ع تي جنم ورتو. رچرڊ برٽن هڪ برجستو سپاهي، نامور شمشيرباز، قابل مترجم، شاعر، لسانيات جو عالم، دنيا جي عجائبات جي جستجو ڪندڙ، چڱو طبيب، ٻوٽن ۽ وڻن جو ماهر، حيوانن جي حياتيءَ جي علم جو مڃيل استاد، آثار قديمه ۽ علم الارض جو ماهر ۽ ڪامياب جاسوس هو. کيس 25 زبانون اينديون هيون، ۽ اُنهن مان هر هڪ جي مختلف لهجن کان به چڱيءَ طرح واقف هو. هن پنهنجي سير ۽ سفر تي مشتمل 43 ڪتاب لکيا. انهيءَ کان سواءِ ٻه جلد شعر جا لکيائين. سؤ کان مٿي مختلف موضوعن تي مضمون لکيائين ۽ 341 صفحا پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جا به لکيائين. الف ليليٰ جا 14 جلد ۽ پورچوگيز ادب جا ڇهه جلد انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. لاطيني شعر جا ٻه جلد لکيائين ۽ چار جلد لوڪ ادب جا به لکيائين. سنڌ تي هيٺيان چار ڪتاب لکيائين:
( 1) Sind, or the Unhappy Valley (سنڌ يا ڏکويل ماٿري )
( 2) Sindh, and the Races That Inhabit the Valley of the Indus (سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون )
( 3) Falconry in the Valley of the Indus (سنڌو ماٿريءَ ۾ بازداري)
( 4) Sindh Revisited (ٻيو دفعو سنڌ ۾)
هن مشهور سياح پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ تحقيق ڪندي گذاريو ۽ سفر دوران ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان “Arabian Nights” ( الف ليليٰ يا هزار داستان) مقبول ترين ڪتاب آهي. هن 21 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوجَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ هن سنڌي عالمن سان ملاقاتون ڪري، ڪيترين ئي مشرقي زبانن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. 1853ع ۾ هن عربستان جي مقدس شهرن: مديني ۽ مڪي جو سفر ڪيو ۽ ان سفر جا تجربا “Personal Narrative of a Pilgrimage to El-Medinah and Mecca ( 1855) نالي ڪتاب ۾ درج ڪيائين. 1854ع ۾ رچرڊ برٽن، جان اسپيڪ ( Johan Speke) سان گڏجي اوڀر آفريڪا ۽ نيل نديءَ جو منڍ معلوم ڪرڻ لاءِ سفر ڪيو ۽ 1856ع ۾”اوڀر آفريڪا تي پهريان قديم“ ( First Footsteps in East Africa) ڪتاب شايع ڪرايائين. 1861ع ۾ هن اسئبل ارنڊل ( Isable Arundell) سان شادي ڪئي، جنهن “Punified” جي عنوان سان پنهنجي مڙس جي سوانح عمري لکي. رچرڊ برٽن ٽرائسٽي ( Triste) ۾، 20 آڪٽوبر 1890ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1821.03.19  عيسوي

رچرڊ برٽن السٽري (Elstree) ڀرسان هرٽ فورڊ شائر (Hertfordshire) ۾ 19 مارچ 1821ع تي جنم ورتو.


1854.00.00  عيسوي

1854ع ۾ رچرڊ برٽن، جان اسپيڪ (Johan Speke) سان گڏجي اوڀر آفريڪا ۽ نيل نديءَ جو منڍ معلوم ڪرڻ لاءِ سفر ڪيو.


1861.00.00  عيسوي

1861ع ۾ سر رچرڊ برٽن، اسئبل ارنڊل (Isable Arundell) سان شادي ڪئي.


1890.10.20  عيسوي

رچرڊ برٽن ٽرائسٽي (Triste) ۾، 20 آڪٽوبر 1890ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊائنا
بيبي صغرا آپا
جيوترام ويڙهومل مٽائي
استاد محمد خان ڏيڌڙو
ڀڳوان اٽلاڻي
عبدالملڪ بن مروان
محمد پريل بيدار مڱريو
جمالي رفيق احمد
آتمارام لعلواڻي
جڊيجا اجئه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون